افغانستان جي ناڻي واري وزير عمر زخيل وال پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز سان ملاقات ڪئي

sartaj aziz meet afghan

افغانستان جي ناڻي واري وزير عمر زخيل وال پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز سان ملاقات ڪئي، سرتاج عزيز چيو آهي ته، افغان فورسز بي گناهه معصوم شهرين کي نشانو بڻايو، جيستائين خدشا ختم نه ڪيا ويندا تيستائين باب دوستي بند رهندو.

افغانستان جي ناڻي واري وزير عمر زخيوال اسلام آباد ۾ پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ افغان سرحد ٻيهر کولڻ سميت واپاري لاڳاپن جي بحالي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

ذريعن موجب، ملاقات دروان سرتاج عزيز واضح ڪيو ته باب دوستي افغان فورسز جي اڳرائي سبب چمن سرحد کي بند ڪيو ويو آهي، جيڪا شڪايتن جي ازالي تائين بند رهندي.

هن چيو ته افغان پرڏيهي وزارت کي ڪي به خدشا هئا ته پاڪستاني عملدارن  آڏو اٿارڻ کپندا هئا پر افغان فورسز بي گناهه شهرين کي نشانو بڻايو.

سرتاج عزيز چيو ته ان حوالي سان افغان حڪومت کي خدشن کان آگاهه به ڪيو ويو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*