ٽنڊو محمد خان ويجهو ڪراچي پوليس اهلڪارن جي ڪار حادثي جو شڪار ٿي وئي

Accident-Road-27217

ٽنڊو محمد خان ويجهو ڪراچي پوليس اهلڪارن جي ڪار حادثي جو شڪار ٿي وئي،  جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سپاهي فوت ٿي وئي ۽ 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.

گاجا موريءَ وٽ بدين کان ڪراچي ويندڙ پوليس اهلڪارن جي ڪار تيز رفتاريءَ سبب ڪلٽي ٿي پئي.

حادثي جي نتيجي ۾ اهلڪار غلام مصطفيٰ فوت ٿڏي تي دم ڏنو، جڏهن ته وقاص احمد، علي حيدر شاهه، وقار علي ۽ عزيز احمد زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

حادثي ۾ زخمي ۽ فوت ٿي ويل اهلڪار بدين ۾ آدمشماري جي حوالي سان ڊيوٽي ڪرڻ کان پوءِ واپس ڪراچي وڃي رهيا هئا ته سندن گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*