روهڙي ويجهو نوجوان ناري پراسرار نموني فوت ٿي وئي

rohri

روهڙي ويجهو نوجوان ناري پراسرار نموني فوت ٿي وئي،  ناري جي وارثن سندس مڙس ۽ سهري تي قتل جو الزام هنيو آهي، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ نور شاهه جي ڀٽ ۾ 22 ورهين جي مسمات توحيدان زال ڪريم بخش ٻرڙو پر اسرار نموني فوت ٿي وئي.

اطلاع تي روهڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته مسمات توحيدان کي سندس مڙس ڪريم بخش ٻرڙو ۽ سهري گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*