ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري آهن، مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروايون ڪري ٻن ٽارگيٽ ڪلرز سميت 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

Karachi-Police-10517

ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري آهن، مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروايون ڪري ٻن ٽارگيٽ ڪلرز سميت 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، ملير جي علائقي سعود آباد ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو.

سرجاني ٽائون ۽ نارٿ ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري سياسي جماعت سان تعلق رکندڙ ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو.

ذريعن موجب، حراست ۾ ورتل جوابدار ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتاخوري سميت سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن.

پوليس بلديا جي حاجي قاسم ڪالوني ۽ پاپوش نگر ۾ به ڪارروائي ڪندي اسٽريٽ ڪرائيمز ۾ ملوث چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته حراست ۾ ورتل جوابدرن وٽان هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيوويو آهي، جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

ملير ۾ پوليس ڪارروائي ڪري اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ عامر، سعيد احمد، غلام افضل ۽ شهاب شامل آهن، جن وٽان هٿيار، گوليون، منشيات ۽ موبائل فون هٿ ڪيا ويا آهن.

ملير جي سعود آباد واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*