جيڪب آباد ويجهو ڳجهن ادارن ۽ پوليس آپريشن رد الفساد دوران 3 مبينا دهشتگردن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان بارودي مواد هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

jacobabad-Arrested-10517

جيڪب آباد ويجهو ڳجهن ادارن ۽ پوليس آپريشن رد الفساد دوران 3 مبينا دهشتگردن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان بارودي مواد هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايس ايس پي جيڪب آباد موجب دوداپور واري علائقي ۾آپريشن رد الفساد دوران 3 دهشتگردن نواب الدين سندراڻي، بالاچ بنگلاڻي ۽ ڪريم بنگلاڻي کي گرفتار ڪيو ويو.

ايس ايس پي سرفراز نواز شيخ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته بالاچ ۽ ڪريم ڏنو بنگلاڻي 12 فيبروري 2015ع تي نور واهه ويجهو ريلوي ٽريڪ تي ۽ 28 جون 2015ع تي سبزي منڊي ڀرسان ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪن ۾ ملوث هئا.

ايس ايس پي موجب گرفتار ڪيل دهشتگردن جي قبضي مان 3 ڪلو بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ آهي ته جاچ دوران دهشتگردن اهو به اعتراف ڪيو ته هو ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪيدار مواد نصب ڪرڻ وڃي رهيا هئا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*