ڪراچي ۾ ڏينهن جي وقت وڏين گاڏين جي داخل ٿيڻ تي پابندي خلاف گڊز ٽرانسپورٽرز هڙتال ۽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي

Karachi-Transport-Strike-10517

ڪراچي ۾ ڏينهن جي وقت وڏين گاڏين جي داخل ٿيڻ تي پابندي خلاف گڊز ٽرانسپورٽرز هڙتال ۽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي، گڊز ٽرانسپورٽر جو چوڻ آهي ته متبادل رستا فراهم ڪرڻ کان سواءِ پابندي مڙهڻ نا انصافي آهي.

گڊز ٽراسپورٽرز شهر ۾ 15 کان 20 هزار گاڏيون بيهاري ڇڏيون آهن، جنهن سبب ڪراچي کان ملڪ جي ٻين حصن ڏانهن ويندڙ سامان جي سپلائي  به بند ٿي وئي آهي.

گڊز ٽرانسپورٽرز جي اڳواڻن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪراچي ءَ ۾  هڙتال ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ  جو اعلان ڪيو هو.

سندن چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ڏينهن جي وقت وڏين گاڏين جي داخل ٿيڻ تي پابندي سان گڊز ٽرانسپورٽرز جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي.

هنن چيو ته متبادل رستا فراهم ڪرڻ کان سواءِ پابندي مڙهڻ نا انصافي آهي، گڊز ٽرانسپورٽرز کي نقصان کان بچائڻ لاءِ  سدرن باءِ پاس جي تعمير مڪمل ڪئي وڃي.

ٻئي طرف جوڙيا بازار جي واپارين جو چوڻ آهي ته پنجاب ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن مان زرعي جنسون ڪراچي اچن ٿيون، ان ڪري وڏين گاڏين جي گذرڻ تي 24 ڪلاڪ پابندي مڙهڻ سان شهر ۾ سامان جي کوٽ  پيدا ٿي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*