اطلاعات بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ تعليمي شعبي ۾ بهتري لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، غربت جي خاتمي لاءِ به تعليمي سيڙپڪاري به ڪئي پئي وڃي.

marriyum-aurangzeb-10517

اطلاعات بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ تعليمي شعبي ۾ بهتري لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، غربت جي خاتمي لاءِ به تعليمي سيڙپڪاري به ڪئي پئي وڃي.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ تعليم ضروري آهي، سمورا وسيلا تعيلم جي بهتري لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن.

سندس چوڻ هو ته پنجاب ۽ وفاق ۾ به نصاب کي آءِ ٽي جي بنياد تي ٺاهيو ويو آهي، غربت جي خاتمي لاءِ تعليم تي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته استادن جي ترقي کي شاگردن جي تربيت ۽ نتيجن سان ڳنڍيو ويو آي، وفاقي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ مونٽيسري ڪلاسز شروع ڪيا ويا آهن.

مملڪتي وزير چيو ته تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جو دارو مدار استادن تي آهي. وفاقي سطح تي وزيراعظم تعليمي سڌارن بابت پروگرام تي عمل جاري آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب ۾ تعليمي نصاب کي ڊجيٽل ڪيو ويو آهي، شاگرد ۽ انهن جا والدين پنجاب جي تعليمي نصاب کي آن لائن ڏسي سگهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*