تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان لنڊن ۾ فليٽ ۽ بني گالا هائوس جي مني ٽريل پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

Imran-Khan-Mashal-Case-18417

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان لنڊن ۾ فليٽ ۽ بني گالا هائوس جي مني ٽريل پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ اهي ته هو اهو به ٻڌائيندو ته لنڊن مان رقم پاڪستان ڪيئن منتقل ٿي؟

هڪ ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته هو لنڊن ۾ فليٽ جي خريداري ۽ بني گالا هائوس جي مڪمل مني ٽريل سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪندو.

هن چيو ته سندس مني ٽريل قطري خط جيان نه هوندي، هو اهو به ٻڌائيندو ته لنڊن مان رقم پاڪستان ڪئين منتقل ٿي.

تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو آهي ته هو ثبوتن سان گڏ ثابت ڪندو ته بني گالا ۾ گهر جي تعمير کان اڳ سڄي منصوبي جي يونين ڪائونسل کان منظوري ورتي هئي.

عمران خان چيو ته نواز ليگ چاهي ٿي ته تحريڪ انصاف پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کان چندو نه وٺي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*