سکر ويجھو عورت مبينا طور زهريلي دوا پي آپگھات ڪري چڏيو

Sukkur-2-12

سکر ويجھو عورت مبينا طور زهريلي دوا پي آپگھات ڪري چڏيو،عورت جي ڀاءُ سندس مڙس تي زهريلي دوا پياري قتل ڪرڻ جو الزام هنيو آهي.

ڪنڌرا ۾عورت مبينا طور زهريلي دوا پي آپگھات ڪري ڇڏيو، جنهن جي سڃاڻپ توحيدٻرڙو طور ٿي.

پوليس عورت جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو.

 جتي عورت جي ڀاءُ الزام هڻندي چيو ته سندس ڀيڻ توحيدکي سندس مڙس زبردستي زهريلي دوا پياري قتل ڪيوآهي.

هن مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف  فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.

ڪنڌرا پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*