پنجاب ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران هڪ عورت مارجي وئي، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڀکر ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

Murder-Women-Death-10517

پنجاب ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران هڪ عورت مارجي وئي، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڀکر ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.

وهاڙي ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ عورت مارجي وئي، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس مقتول عورت جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتان عورت جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو سڱاورتي تڪرار تان ٿيو آهي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

ڀکر ۾ دوهي والي واري علائقي ويجهو اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند فائرنگ بعد فرار ٿي ويا آهن، جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*