تنگواڻي ۾ ناري جي مبينا اغوا ۽ ڌمڪين خلاف ڳوٺاڻن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Tangwani-Protest-Press-Club-10517

تنگواڻي ۾ ناري جي مبينا اغوا ۽ ڌمڪين خلاف ڳوٺاڻن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺاڻن اڪرم لاشاري، عبدالغفار باجڪاڻي ۽ ميرلاشاري جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو .

ان موقعي تي ڊرائيور اڪرم لاشاري الزام هنيوته سندس ڀيڻ ڪزبانو کي اغوا ڪيو ويو، جنهن جو ڪيس عدالت ۾ آهي، جنهن تان هٿ کڻائڻ لاءِ بااثر وڏيرو رياض علي بجاراڻي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪائي رهيو آهي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته وڏيري کان جاني خطرو آهي، جنهن جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*