ٺل ۾ ڀاڳين چوري ڪندڙ پوليس اهلڪار کي سوگهو ڪري مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي

Thul-Police-Arrested-10517

ٺل ۾ ڀاڳين چوري ڪندڙ پوليس اهلڪار کي سوگهو ڪري مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ٻرڙا پاڙي ۾ جوابدار اهلڪار عابد ملڪ، حسين بخش جي گهر مان چوري ڪري رهيو هو ته ڀاڳين کيس سوگهو ڪري مارڪٽ ڪئي.

پوليس اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي جوابدار اهلڪار کي ٿاڻي کڻي وئي، جنهن بعد کيس لاڪپ ڪيو ويو آهي.

جوابدار اهلڪار بلوچستان جي جهٽپٽ واري علائقي مقرر آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*