خير پور ناٿن شاهه ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس ميونسپل ڪميٽي جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

KN-SHAH-Anti-Case-10517

خير پور ناٿن شاهه ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس ميونسپل ڪميٽي جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

اينٽي ڪرپشن ڄامشوري جي ٽيم سيڪنڊ سول جج ڪي اين شاهه جي موجودگي ۾ميونسپل ڪميٽي جي آفيس تي ڇاپو هڻي سمورو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو.

ڇاپو هڻندڙ ٽيم جي قيادت ڪندڙ سرڪل آفيسر اختيارعلي ٻڌايو ته ترقياتي اسڪيمن ۽ ٻين ڪمن جي مد ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ٿيڻ جون شڪايتن مليون هيون، جنهن تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي.

هن چيو ته وڌيڪ ڪارروائي بابت فيصلو رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ ڪيو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*