ميرپورخاص جي عدالت ڪنري جي ٿاڻي اندر ڀوتار زيد ٽالپر جي داداگيري واري معاملي جي ڪيس ۾ گرفتار آبادگار يعقوب ڀٽي کي جيل موڪلي ڇڏيو

MirPur-Khan-Zaid-Talpur-Case-10517

ميرپورخاص جي عدالت ڪنري جي ٿاڻي اندر ڀوتار زيد ٽالپر جي داداگيري واري معاملي جي ڪيس ۾ گرفتار آبادگار يعقوب ڀٽي کي جيل موڪلي ڇڏيو، جڏهن ته عدالت ڀوتار جي پٽ کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ڪنري پوليس ٿاڻي اندر داداگيري ڪرڻ واري ڪيس ۾گرفتار زيد ٽالپر جي پٽ حسن ٽالپر ۽ آبادگار يعقوب سولنگي کي ميرپورخاص جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت آبادگار يعقوب سولنگي کي 10 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، جڏهن ته ڀوتار زيد ٽالپر جي پٽ حسن ٽالپرطرفان بيمار هجڻ جي درخواست ڏيڻ تي کيس ميرپور خاص جي سول اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*