پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل 29 اپريل تي جاري ڪيل ٽويٽ واپس وٺي ڇڏيو

ISPR-Ghafoor-22417

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل 29 اپريل تي جاري ڪيل ٽويٽ واپس وٺي ڇڏيو، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ٽويٽ ڪنهن شخص يا حڪومت خلاف نه هو، ڊان ليڪس معاملو نبري چڪو آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم ڊان ليڪس انڪوائري ڪميشن جي سفارشن جي پيرا 18 جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ ان تي عملدرآمد به ٿي ويو، جنهن  سان ڊان ليڪس معاملو نبري ويو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج پاڪستان جي آئين جي بالادستي واري عزم تي قائم آهي ۽ جمهوري عمل جي حمايت ڪري ٿي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته29  اپريل وارو ٽويٽ هاڻ غير موثر ٿي چڪو آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*