جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڀارتي فوج جي ظلم تي عالمي برادري جي خاموشي افسوسناڪ آهي

Siraj-Ulhaq-15816

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڀارتي فوج جي ظلم تي عالمي برادري جي خاموشي افسوسناڪ آهي، عالمي برادري والاريل ڪمشمير ۾ ٻارڙن ۽عورتن تي ڀارتي فوج جي ظلم جو نوٽيس وٺي.

منصوره ۾ حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهر واري مشعال ملڪ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران والاريل ڪشميري ڀارتي جارحيت سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي سراج الحق چيو ته ڀارتي فوج جي ظلم تي عالمي برادري جي خاموشي افسوسناڪ آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارتي فوج وحشيت جي آخري حد پار ڪري چڪي آهي، معصوم ٻارڙن ۽ عورتن تي ظلم ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج بي گناهه ماڻهن تي تي وحشياڻو تشدد ڪري رهي آهي.

سراج الحق چيو آهي ته عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ معصوم ٻارڙن ۽ عورتن تي ٿيندڙ ڀارتي فوج جي ظلم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*