ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ چڪن گونيا ۽ ڊينگي مڇر کي مارڻ لاءِ موٽر سائيڪل اسپري شروع ڪيو ويو آهي

Bike-Spire-Karachi-10517

 ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ چڪن گونيا ۽ ڊينگي مڇر کي مارڻ لاءِ  موٽر سائيڪل اسپري شروع ڪيو ويو آهي.

صحت واري صوبائي سيڪريٽري فضل الله پيچوهو چيو آهي ته ڪراچي جي  سعود آباد ۽ ملير وارن علائقن ۾ موٽرسائيڪل مشين ذريعي چڪن گونيا ۽ ڊينگي وائرس کي ختم ڪرڻ لاءِ اسپري  ڪرايو ويو آهي.

فضل الله پيچو هو چيو آهي ته سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ڳٿيل آبادي ۽ سوڙهين گهٽين ۾ اسپري ڪرڻ لاءِ موٽر سائيڪل ذريعي (موٽو فوگ) جو استعمال ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته ڪراچي جي عوام لاءِ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، جنهن به علائقي ۾  اسپري نه ٿئي اتان جي ڊي او هيلٿ سان رابطو ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*