پ پ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته ڊان خبر فيڊ ڪئي وئي، جنهن ۾ ظفر عباس ۽ سيرل اليمڊا جو ڪو به قصور ناهي، ملاقاتن جو مقصد مريم نوازشريف کي بچائڻ آهي

Atizaz-Ahsan-10517

پ پ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته ڊان خبر فيڊ ڪئي وئي، جنهن ۾ ظفر عباس ۽ سيرل اليمڊا جو ڪو به قصور ناهي، ملاقاتن جو مقصد مريم نوازشريف کي بچائڻ آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته ڊان ليڪس معاملي تي پرويز رشيد ۽ طارق فاطمي جو به ڏوهه نه آهي.

سندس چوڻ هو ته نوازشريف جي خاندان جو اثاثو حمزه شهباز نه پر مريم نواز آهي.

هن چيو ته شريف خاندان مريم نوازشريف کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته مريم نوازشريف جو سيل ڳجهن اجلاسن کي ٻڌندو رهيو آهي، جنهن کي سنڌ جي گورنر محمد زبير تسليم ڪيو هو.

اعتزاز احسن چيو ته ڊان خبر فيڊ ڪئي وئي، جنهن ۾ ظفر عباس ۽ سيرل الميڊا جو ڪو به قصور نه آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*