دادو ۾ شهرين پوليس ۽ بااثر جي مبينا نا انصافين خلاف عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي

dadu women pro

دادو ۾ شهرين پوليس ۽ بااثر جي مبينا نا انصافين خلاف عورتن  ۽ ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي.

ڀرٽ برادري جي عورتن مردن ۽ ٻارڙن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيوته بااثر جوابدارن نوجوان ممتاز ڀرٽ کي بي دردي سان قتل ڪيو، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

هنن چيوته بااثر جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، پر پوليس سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران انهن جي ساٿاري بڻيل آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*