ٽنڊو الهيار پوليس مبينا مقابلي ۾ ۾ شاگرد کي اغوا ڪندڙ جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

tando ahliyar police muqablo

ٽنڊو الهيار پوليس مبينا مقابلي ۾ ۾ شاگرد کي اغوا ڪندڙ جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار گذريل ڏينهن پهرين درجي جي شاگرد کي اغوا ڪيو هو.

  پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي درس بائونڊري وٽ گهر تي ڪڙو چاڙهيو ويو ته جوابدارن پوليس تي  فائرنگ ڪري ڏني، جنهن دوران جوابي فائرنگ ۾ جوابدار لال جان مگسي مارجي ويو ۽ 3 ڄڻا فرار ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ياسر عرفات قائم خاني پنهنجي پٽ پهرين درجي جي شاگرد عارض جي اغوا جو ڪيس پنهنجي نوڪر جوابدار لال جان مگسي خلاف داخل ڪرايو هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار بلوچستان جي حب چوڪي واري علائقي جو رهواسي آهي، جيڪو 4 مهينن کان ٽنڊو الهيار ۾ ترسيل هو……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*