قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ڊان ليڪس معاملي جو اصل ذميوار وزيراعظم هائوس آهي

islamabadnationalassemblyi0

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ڊان ليڪس معاملي جو اصل ذميوار وزيراعظم هائوس آهي، پيپلز پارٽي ادارن وچ ۾ جنگ نٿي چاهي پر اهو ٻڌايو وڃي ته ڊان ليڪس معاملو حل ڪيئن ٿيو ۽ رنڊڪ ڪير هو.

پارليامينٽ ۾ ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڊان ليڪس جو مسئلو ڪيئن حل ٿيو ۽ ڪير رنڊڪ هو، گورنر سنڌ ميڊيا تي چئي چڪو آهي ته وزيراعظم هائوس ۾ اجلاس ٻڌا ويندا هئا.

سندس چوڻ هو ته قطري خط کي به سپريم ڪورٽ جي پنجن ئي ججن رد ڪيو هو، ثابت ٿي ويو ته مني ٽريل نظر ناهي ايندي، ٽويٽ بابت سموري قوم ڳالهائي رهي آهي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته آصف زرداري سان ملاقات ۾ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جي آءِ ٽي صاف سٿري آهي.

هن چيو ته قطري خط کي به سپريم ڪورٽ جي پنجن ئي ججن رد ڪري ڇڏيو، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته پاناما تي ڪهڙو حشر ٿئي ٿو.

اپوزيشن ليڊر چيو ته پيپلز پارٽي هميشه ادارن جي مضبوطي جي ڳالهه ڪندي آهي، پاڙيسري ملڪ خاص طور تي فوج کي تڪراري بڻائڻ چاهي ٿو.

خورشيد شاهه چيو ته ڊان ليڪس معاملي تي اصل ذميوار وزيراعظم هائوس هو، وزيراعظم هائوس جي ميڊيا سينٽر پاران سموريون ڳالهيون ٻڌيون وينديون آهن، جيڪو ملڪ جي سڪيورٽي ۽ ادارن جو مسئلو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*