اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلو ايريا فائرنگ ڪيس ۾ گرفتار جوابدار سڪندر کي 16 سال سزا ٻڌائي ڇڏي

sikander case

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلو ايريا فائرنگ ڪيس ۾ گرفتار جوابدار سڪندر کي 16 سال سزا ٻڌائي ڇڏي، ڪيس ۾ نامزد سندس گهر واري ڪنول کي باعزت بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بلوايريا ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جوابدار سڪندر کي پيش ڪيو ويو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار سڪندر تي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 16 سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي ۽ هڪ لک ڏهه هزار ڏنڊ به لڳايو.

ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار سڪندر کي وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽڻي پوندي.

عدالت بلو ايريا فائرنگ ڪيس ۾ گرفتار سڪندر جي گهر واري ڪنول کي باعزت بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

واضع رهي ته جوابدار سڪندر 15 آگسٽ 2013 ع ۾ ملڪ جي گادي واري شهر بلو ايريا ۾ فائرنگ ڪري خوف ۽ حراس پکڙيو ، جنهن بعد کيس گرفتار ڪيو ويو هو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*