وڏي وزير جي صدارت ۾ بند پيل اسڪول کولڻ لاءِ اجلاس

cm ijlas

وڏي وزير جي صدارت ۾ بند پيل اسڪول کولڻ لاءِ اجلاس، بند پيل 2 هزار اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حوالي ڪري خانگي سيڪٽر سان گڏجي هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

وزير اعلي2 هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ تعليم وارو صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، ايم ڊي سيف ناهيد شاهه ۽ ٻيا لاڳاپيل اميدوار شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي  ايم ڊي ناهيد شاهه پاران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته  سيف ۾ 4 لک 28 هزار 957 شاگرد پرائمري اسڪولز ۾ پڙهن ٿا.

ناهيد شاهه ٻڌايو ته سنڌ ۾ سيف جي 2414 اسڪولن لاءِ 850 درخواستون وصول ٿيون جنهن مان 80 منظور ڪيو ويون آهن.

ناهيد شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته سيف جي پروگرام تحت  1200 اسڪولن ۾ هن وقت 3لک 48هزار 916 شاگردن جي انٽرولمينٽ آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 2000 بند پيل اسڪول سيف کي ڏنا وڃن جنهن کي هلائڻ لاءِ خانگي سيڪٽر سان گڏجي ڪم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*