شب برات اڄ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي، سڀاڻي ملڪ ۾ تعليمي ادارا بند رهندا، سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن

shabrat

شب برات اڄ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي، سڀاڻي ملڪ ۾ تعليمي ادارا بند رهندا، سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

شب برات جي موقعي تي صلوات التسبيح جي نماز، ٦ خاص نفلن جي ادائيگي ۽ شب برات جي ميڙاڪن ۾ الله تعاليٰ کان گناهن کان معافي، بخشش ۽ مغفرت ۽ ملڪي سلامتي لاءِ خاص دعائون گهريون وينديون.

شب برات جي موقعي تي ماڻهو قبرستان وڃي پنهنجي پيارن جي قبرن تي فاتحه پڙهندا ۽ گلن جي ورکاءُ ڪندا.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا شب برات جي موقعي تي ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ سخت سيڪيورٽي جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ڪراچي جي مسجدن ۾ سومهڻي جي نماز کانپوءِ ٦ خاص نفل به ادا ڪيا ويندا.

مسجدن ۾ صلوات التسبيح ، ذڪر ۽ نعت جي محفلن ، درود شريف ۽ خاص دعائن جو انتظام ڪيو ويو آهيان موقعي تي نفلي روزو پڻ رکيو ويندو. سڀاڻي تعليمي ادارا بند رهندا.

اسلامي ڪيلينڊر موجب شعبان جي ۱۵ هين رات کي مغفرت ۽ رحمت جي رات به چيو ويندو آهي. ان ڏينهن الله تعاليٰ سڄي سال جي دنياوي معاملن جو فيصلو ڪندو آهي جن ۾ پيدائش ۽ موت به شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*