پنجاب جو وڏو وزير ننڪانه صاحب ڀرسان بااثرن هٿان تشدد جو شڪار ٿيل 13 ورهين جي نينگر جي گهر پهچي ويو

shahbaz shareef nanna kana

پنجاب جو وڏو وزير ننڪانه صاحب ڀرسان بااثرن هٿان تشدد جو شڪار ٿيل 13 ورهين جي نينگر جي گهر پهچي ويو، شهباز شريف آهي ته نينگر تي ظلم ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو.

پنجاب جو وڏو وزير شهبازشريف ننڪانه صاحب ڀرسان بااثر هٿان تشدد جو شڪار ٿيل 13 ورهين جي نينگر عرفان جي گهر پهتو ۽ وارثن سان ملاقات ڪري همدرديءَ جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته نينگر تي تشدد ڪندڙ جوابدار کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته جوابدار کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو، تشدد معاملي واري جاچ  جي هو پاڻ مانيٽرنگ ڪندو.

هن چيو ته نينگر تي تشدد واري معاملي جي جاچ ۾ هڪ ڏينهن به دير به برداشت نه ڪئي ويندي، زيادتي ڪرڻ وارو ڪو به شخص قانون جي گرفتار کان بچي نه سگهندو.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته نينگر جو هٿ ڪٽڻ واري جوابدار کي ڪير به بچائي نه سگهندو، نينگر عرفان کي مصنوعي هٿ لڳرايو ويندو.

شهباز شريف چيو ته ڪيس ۾ دير بلڪل برداشت نه ڪئي ويندي، دير تي پوليس آفيسرن کي جواب ڏيڻو، متاثر کي انصاف فراهم ڪيو ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*