سنڌ هائيڪورٽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي اسٽي ۾ 16 مئي تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

Sindh-high-Court-19417

سنڌ هائيڪورٽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي اسٽي ۾ 16 مئي تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس منيب فاروق جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ  اي ڊي خواجا کي هٽائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران درخواست داخل ڪرائيندڙ وڪيل فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت آءِ جي سميت پوليس ۾ مقرر ايس ايس پيز، ڊي ايس پيز ۽ ٻين آفيسرن کي 3 يا چئن مهينن اندر بدلي ڪري ٿي جنهن ڪري پوليس آفيسرز غير جانبدار نه ٿي رهي سگهي.

فيصل صديقي پاران عدالت ۾ آءِ جيز ۽ آفيسرن جي مقرري ۽ بدلين واري لسٽ پڻ پيش ڪئي.

فيصل صديقي چيو ته آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ ۾ سنڌ حڪومت جي بدنيتي شامل آهي.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 16 مئي تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*