سپريم ڪورٽ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي وڪيل کي مشاورت لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي آهي

Supreme-Court-13716

سپريم ڪورٽ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي وڪيل کي مشاورت لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي آهي، چيف جسٽس چيو آهي ته مشاورت لاءِ ڏنل وقت کي ٻيو ڪجهه نه سمجهيو وڃي.

سپريم ڪورٽ ۾ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي پرڏيهي فنڊز بابت حنيف عباسي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس چيو ته آبزرويشن ۾ چيو ويو هو ته اليڪشن ڪميشن ئي ڪميشن طور فنڊنگ جي جاچ ڪندي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته انور منصور جي دليلن تي گذريل ڏينهن هنن ابزويشن ڏني هئي.

تحريڪ انصاف جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن جي اختيارن کي چيلنج ڪيو ويو آهي، ان معاملي تي عمران خان سان مشاورت ضروري آهي.

تحريڪ انصاف جي وڪيل چيو ته  هو ذاتي طور سمجهي ٿو ته اليڪشن ڪميشن کي استحقاق نه آهي ته اها ان معاملي جي جاچ ڪن.

پي ٽي آءِ وڪيل انور منصور چيو ته عمران خان شهر کان ٻاهر آهي، جنهن سبب ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي آهي، انڪري ڪميشن بابت مشاورت لاءِ وقت ڏنو وڃي.

جنهن تي سپريم ڪورٽ جي بينچ پي ٽي آءِ کي مشاورت جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي 23 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*