ٻين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ هڪ طرفي مقابلي بعد پاڪستان کي 119 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي

ٻن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻي ۽ آخري ميچ ۾ ميزبان ڪيوي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد پاڪستان کي119رنزتان  شڪست ڏئي سيريز ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز تان کٽي ورتي آهي.

نيوزيلينڊ جي شهر نيپيئر ۾ کيڏي ويل ٻي ون ڊي ميچ ۾ ڪِوي ٽيم جي ڪپتان برينڊن ميڪيولم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو صحيح ثابت ٿيو.

ڪِوي ٽِيم مقرر 50 اوورس ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 369 رنز اسڪور ڪيون.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران ڪين وليمسن 112رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪور رهيو ، جڏهن ته روز ٽيلر 102 رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو.

پاڪستان خلاف اهو ٻيو وڏو ٽوٽل آهي، ان کان پهرين ڏکڻ آفريڪي ٽيم قومي ٽيم خلاف 2007 ۾ 392 رنز اسڪور ڪيون هيون.

قومي ٽيم جو فاسٽ بالر بلاول ڀَٽِي سڀ کان مهانگو بالر ثابت ٿيو، جنهن 10 اوورس ۾ 93 رنز ڏنيون، احسان عادل 8 اوورس ۾ 68 ڏهائي هڪ، شاهد آفريدي 10 اوورس ۾ 57رنز ڏئي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، محمد عرفان 10 اوورس ۾ 52 رنز ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته احمد شهزاد 4 اوورس ۾ 29رنز ڏئي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پاڪستان جي ٽيم نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 370 رنز  جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اوپنرز محمد حفيظ ۽ احمد شهزاد بهترين بيٽنگ جومظاهرو ڪندي اوپنگ پاٽنرشپ ۾ 111 رنز اسڪور ڪيون.

محمد حفيظ 86 ۽ احمد شهزاد 55 رنز ٺاهڻ بعد آئوٽ ٿيا ته تجربيڪار يونس خان ۽ شاهد آفريدي11-11، جڏهن ته عمر اڪمل 5 ۽ حارث سهيل 6 ۽سرفرازاحمد 13 بلاول ڀٽي 9 رنز جي اننگ کيڏي، جڏهن ته ڪپتان مصباح الحق 45رنز جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿيو.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران نيٿن ميڪيولم، اينڊم ملائن، گرانٽ ايليٽ ۽ٽم سوٿي ٻه-ٻه جڏهن ته ٽرنٽ بولٽ ۽ڊينيئل وٽوري هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

نيوزيلينڊ جي ڪين وليمسن کي شاندار سنچري اسڪور ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*