سنڌ هاءِڪورٽ ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ مان مقرر ڪرڻ بابت 2001 واري آڊر کي برقرار رکڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي

Sindh-High-Court-181016

سنڌ هاءِڪورٽ ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ مان مقرر ڪرڻ بابت 2001 واري آڊر کي برقرار رکڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ارسا ۾ وفاق پنهنجو نمائندو سنڌ مان مقرر ڪري جنهن جي اهليت گهٽ مان گهٽ چيف انجنيئر برابر هجي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس عدنان ڪريم تي ٻڌل ٻه رڪني ڊويزن بينچ ڪيس جي ٻڌڻي چيمبر ۾ ڪئي.

عدالت پاران  ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو مقرر ڪرڻ واري ڪيس ۾ فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته وفاق پنهنجو نمائندو سنڌ مان مقرر ڪري ۽ اهو چيف انجنيئر جي عهدي جي برابر هجي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلوڙي مختصر فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ضروري ناهي ته وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت جي اماڻيل نمائندن واري لسٽ مان نمائندو مقرر ڪري پر جيڪو نمائندو مقرر ڪري ان جو تعلق سنڌ سان هجي.

2001 ۾ ان وقت جي چيف ايگزيڪيوٽو پرويز مشرف ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ مان مقرر ڪرڻ وارو آڊر جاري ڪيو هو جنهن کي  سنڌ هاءِ ڪورٽ برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*