ڪنڌڪوٽ سول اسپتال سميت ضلعي جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

khandkot

ڪنڌڪوٽ سول اسپتال سميت ضلعي جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

دلمراد ڏاهاڻي، قمر سهرياڻي ۽ امداد کوسي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ۽ شهرين سٽي پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڊي ايڇ او خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن الزام هنيو ته ڪنڌڪوٽ جي سول اسپتال سميت ضلعي جي سمورن سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ دوائون نه ملڻ ڪري رهواسي پريشانين جو شڪار آهن.

هنن چيو ته سرڪاري عملدار دوائون غريبن کي ڏيڻ بدران خانگي ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ ڪاري ڪامڻ، ڇتي ڪتي، نانگ ڪکڻ  جي ويڪسين سميت ٻيون ڪي به سهولتون ناهن.

اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ضلعي جي سمورن سرڪاري اسپتالن مان ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ ختم ڪري ڊي ايڇ او کي هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو وڌايو ويندو.

ٻئي طرف ڊي ايڇ او لياقت ڪلوڙ چيو ته ايس ٽي پي اڳواڻ دلمراد ڏاهاڻي کيس بليڪ ميل ڪري رهيو آهي،غلط ڪم نه ڪرڻ تي مون خلاف احتجاج ڪرائي رهيو آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*