قمبر ويجهو پوليس ڪارروائي ڪري ڪوچ مان تقريبن 20 مڻ اعليٰ ڪوالٽي چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

kamber police coach karwai

قمبر ويجهو پوليس ڪارروائي ڪري ڪوچ مان تقريبن 20 مڻ اعليٰ ڪوالٽي چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي چيو ته هٿ ڪيل چرس جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت ڪروڙين روپيا ٻڌائي پئي وڃي.

پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي چيو ته نور واهه وٽ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ڪوچ مان تقريبن 20 مڻ چرس هٿ ڪري ورتي آهي.

هن چيو ته پوليس کي اطلاع مليو ته ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ ۾ ڪجهه شڪي ماڻهو وڃي رهيا آهن، جنهن کان پوءِ ضلعي جي سمورن روڊن تي چيڪنگ وارو عمل سخت ڪيو ويو.

ايس ايس پي چيو ته نور واهه وٽ ڊرائيور پوليس کي ڏسي ڪوچ مان لهي فرار ٿي ويو، پوليس ڪارروائي ڪري ڳجهن خانن مان چرس هٿ ڪري ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي چيو ته پوليس پاران هٿ ڪيل چرس جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت ڪروڙين روپيا ٻڌائي پئي وڃي، معاملي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*