شڪارپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي ايم اين اي تي آپگهاتي حملي ڪيس جي جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

شڪارپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي ايم اين اي ابراهيم جتوئي تي آپگهاتي حملي ڪيس ۾ جوابدار عبدالرزاق کوسو کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جج محمد اقبال آرائين مئي 2013ع تي اڳوڻي اين پي پي ايم اين اي ابراهيم جتوئي تي آپگهاتي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت جوابدار عبدالرزاق کوسو کي حملي ۾ ملوث هئڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

واضح رهي ته مئي 2013ع ۾ شڪارپور جي ٽول پلازا وٽ اڳوڻي ايم اين اي ابراهيم جتوئي تي آپگهاتي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ هو سندس گاڏي کي نقصان پهتو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*