جعفرآباد ڀرسان وڳوڙين 24 انچ موڪري گئس پائيپ لائين کي ڌماڪي سان تباهه ڪري ڇڏيو

 جعفرآباد ڀرسان وڳوڙين 24 انچ موڪري گئس پائيپ لائين کي ڌماڪي سان تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب ڪوئيٽا جي مختلف علائقن کي گئس فراهمي معطل ٿي وئي آهي

  ڊيرا بگٽي ڀرسان پيرڪو واري علائقي ۾ شرپسندن 24 انچ موڪري گئس پائيپ لائين کي ڌماڪيدار مادي سان تباهه ڪيو، جنهن ڪري ڪوئيٽا جي مختلف علائقن کي گئس فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

پوليس موجب، شرپسندن 24 انچ گئس پائيپ کي تباهه ڪيو، جنهن جي مرمت ڪئي پئي وڃي.

اختيارين موجب، گئس پائيپ لائين تباهه ٿيڻ سبب عارصي طور گئس فراهمي معطل ڪئي وئي آهي، جنهن جي تڪڙي بحالي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*