اٽڪ واسي عورت گم ٿيل گابــَي جي بازيابي لاءِ سپريم ڪورٽ پهچي وئي،گابي جي مالڪياڻي چيو آهي ته گابو واپس ڏيندڙ کي لک رپيا انعام ڏنو ويندو

isb cow gum

اٽڪ واسي عورت گم ٿيل گابــَي جي بازيابي لاءِ سپريم ڪورٽ پهچي وئي،گابي جي مالڪياڻي چيو آهي ته گابو واپس ڏيندڙ کي لک رپيا انعام ڏنو ويندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اٽڪ واسي عورت وڪيل ممتاز چيو آهي ته مهيني کان گابو نه ملڻ ڪري ڳئون بيمار آهي.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم ۽ شهباز شريف جو گابو گم ٿئي ها ته هڪ ڏينهن ۾ ملي وڃي ها، پر سندس گابي جي ڳلا نه پئي ڪئي وڃي.

هن چيو ته هڪ مهينو گذرڻ باوجود سندس گابو واپس ناهي ڪرايو ويو، ڪرائي ڏنو ويو، وزيراعظم نوازشريف کي سندس گابي جي گمشدگي جي ڪا به پرواهه نه  آهي.

هن وڌيڪ چيو ته گابي جي گم ٿيڻ بعد ڳئون بيماري آهي، گابي جي مٿو ۽ پير اڇي رنگا جا آهن.

گابي جي مالڪياڻي چيو ته گابي جو نالو مٺو ۽ عمر 8 مهينا آهي، جنهن به وٽ هجي واپس ڪري ان کي هڪ لک رپيا انعام ڏنو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*