سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صاف پاڻي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي بابت ڪميشن جي ٻڌڻي دوران ٽاسڪ فورس سربراهه مصطفيٰ جمالي

Sindh-High-Court-17117

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صاف پاڻي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي بابت ڪميشن جي ٻڌڻي دوران ٽاسڪ فورس سربراهه مصطفيٰ جمالي، ايم ڊي واٽر بورڊ، گهرو سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار پيش،  رينجرز جي وڪيل چيو آهي ته ريتي ۽ بجري چوري روڪڻ رينجرز جي مينڊيٽ ۾ ناهي،رينجرز رڳو پوليس جي معاونت ڪري سگهي ٿي.

ڪميشن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ 2 رڪني ڊويزن بينچ ڪئي.

ٻڌڻي دوران سيپڪو جي سي اي او پاران پيش نه ٿيڻ تي ڪميشن کان غيرمشروت معافي وٺندي چيو ته ڪميشن جو نوٽيس دير سان مليو ان لاءِ پيش نه ٿي سگهيس.

رينجرز جي وڪيل پاران ڪميشن آڏو پيش ٿيندي چيو ته ريتي ۽ بجري چوري روڪڻ رينجرز جي مينڊيٽ ۾ ناهي، رينجرز رڳو پوليس جي معاونت ڪري سگهي ٿي.

رينجرز وڪيل چيو ته معمول موجب علائقي ۾ رينجرز جو گشت ڪيو پيو وڃي، اتي مستقل چوڪي نه ٿا ٺاهي سگهون.

جيڪڏهن ريتي ۽ بجري تي پڪٽ قائم ڪئي وئي ته شهر جي ٻئي ڪنهن حصي مان پڪٽ کي ختم ڪرڻو پوندو.

ڪميشن سربراهه چيو ته هي وڏو معاملو آهي، هي معاملو ڪراچي جي شهرين جو معاملو آهي.

جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته سيشن ۽ سول جج جي رپورٽ آهي ته پوليس چوري نه ٿي روڪي سگهي ان لاءِ ڪميشن جو حڪم آهي ان تي عمل ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن کي اعتراض آهي ته ان فيصلي کي چيلنج ڪري.

ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته ريتي ۽ بجري جي چوري روڪڻ لاءِ پوليس چوڪيون قائم ٿيون آهن، رينجرز جي پڪٽ کان وڌيڪ گشت ضروري آهي.

ڪميشن ٻڌڻي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪاروائي 20 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*