جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته دشمن جي يو آءِ کي رڪاوٽ سمجهن ٿا

noshera molana fazal

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته دشمن جي يو آءِ کي رڪاوٽ سمجهن ٿا، اڳ به جي يو  آءِ تي حملي ٿيا هئا،هو دين جي سربلندي ۽ ملڪي خوشحالي لاءِ ڪم ڪندا رهندا.

مستونگ ۾ مولانا عبدالغفور حيدري تي ٿيل حملي جي مذمت ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مولانا عبدالغفور تي حملو جي يو آءِ لاءِ صدمي جي خبر آهي.

سندس چوڻ هو ته جي يو آءِ جا حوصلا بلند آهن، هو پاڪستان سان گڏ آهن، دهشتگردن کي شڪست ۽ حق جي فتح ٿيندي.

هن چيو ته دشمن جي يو آءِ کي رڪاوٽ سمجهن ٿا، ماضي ۾ جي يو آءِ تي حملا ٿيندا رهيا آهن.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته جي يو آءِ دين جي سربلندي ۽ ملڪي خوشحالي لاءِ ڪم ڪندي رهندي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته شڪر آهي ته مولانا عبدالغفور محفوظ رهيو ۽ جي يو آءِ حملي جي مذمت ڪري ٿي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*