لياري گينگ وار جي مبينا مک جوابدار عذير بلوچ جي حوالگي لاءِ سنڌ پوليس کي ويزا ملي وئي

لياري گينگ وار جي مبينا مُک جوابدار عذير بلوچ جي حوالگي لاءِ سنڌ پوليس کي ويزا ملي وئي آهي، پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن تي ٻڌل ٽيم ڇنڇر ڏينهن دبئي رواني ٿي ويندي.

سنڌ پوليس کي لياري گينگ واري جي مبينا مُک جوابدار عذير بلوچ جي حوالگي لاءِ ويزا جاري ڪيا ويا .

عذير بلوچ جي حوالگي لاءِ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن تي ٻڌل ٽيم ڇنڇر ڏينهن دبئي رواني ٿي ويندي.

ٽيم ۾ ايس ايس پي جاچ، ايس ايس پي سي آءِ ڊي ۽ رينجرز اهلڪار شامل آهن.

ياد رهي ته هڪ مهينو اڳ عذير بلوچ کي مسقط رستي دبئي مان گرفتار ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*