شڪارپور ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل شاهنواز ٽانوري جو لاش سندس وارثن کڻي خيرپور ۾ احتجاج ڪيو

Shikarpur-map

شڪارپور ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل شاهنواز ٽانوري جو لاش سندس وارثن کڻي خيرپور ۾ احتجاج ڪيو.

لقمان محلي جي سوين رهواسين  مارجي ويل شاهنواز ٽانوري جو مين روڊ تي رکي احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي رهواسين الزام هنيو ته گذريل ڏينهن شاهنواز ڀاڻيجي کي شڪارپور ڇڏي واپس خيرپور اچي رهيو هيو ته خانپور پوليس کيس بس مان لاهي گرفتار ڪيو.

هنن چيو ته پوليس گذريل رات فون ڪري 5 لکن جي گهر ڪئي نه ڏيڻ جي صورت ۾ شاهنواز کي فل فراءِ ڪرڻ جو چيو.

هنن چيو ته اڄ صبح پوليس ڪوڙو مقابلو ڏيکاري شاهنواز کي قتل ڪري فون تي اطلاع ڪيو آهي ته لاش کڻي وڃو.

وارثن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي ڪوڙي مقابلي جي جاچ ڪري ملوث پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*