جھمپير جي ڪوهستاني پٽي ۾ بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين مان بيروزگار ڪيل مقامي ماڻهن جي بحالي ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوهستان واسين مل جي گيٽ آڏو ڪئمپ هڻي احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي

thatta jamphir

جھمپير جي ڪوهستاني پٽي ۾ بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين مان بيروزگار ڪيل مقامي ماڻهن جي بحالي ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوهستان واسين مل جي گيٽ آڏو ڪئمپ هڻي احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي .

ٺٽي جي ڪوهستاني علائقي جھمپير جي آسپاس هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ لڳايل ڏيهي توڙي پرڏيهي ونڊ مل ڪمپنين ۾ مقامي پورهيتن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ ماسٽر ونڊ مل ڪمپني مان 86 مقامي پورهيتن کي بيروزگار ڪرڻ خلاف متاثر پورهيتن توڙي ڪوهستان واسين مختلف شهرن ۾ مظاهرن ۽ ڌرڻن هڻڻ کانپوءِ جھمپير ۾ ونڊ مل ڪمپني جي ٻاهران مک گيٽ وٽ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڌرڻو هڻي احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي.

 جتي ڪوهستان بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن مير محمد برفت، شاھ محمد چانگ، مزدور اتحاد جي اڳواڻن مامن چانگ، غلام حسين چانگ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين پورهيتن ڪئمپ تي پهچي احتجاج رڪارڊ ڪرايو .

ان موقعي تي  اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايوته ماسٽر ونڊ مل پراجيڪٽ مان 86 مقامي پورهيتن کي بيدخل ڪري بيروزگار ڪيو ويو آهي ،جنهن سبب سندن گھرن ۾ فاقه ڪشي واري صورتحال آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته ڳوٺاڻن کي پيئڻ جي پاڻي ،روڊ ، صحت ۽ تعليم جي سهولت به نه پئي ڏني وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*