بلوچستان جي مستونگ واري علائقي ۾ جي يو آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري جي گاڏي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ڊرائيور سميت 25 ڄڻا مارجي ويا

Blast-News-JUI-Ghafoor-12517

بلوچستان جي مستونگ واري علائقي ۾ جي يو آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري جي گاڏي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ڊرائيور سميت 25 ڄڻا مارجي ويا، مولانا عبدالغفور سميت 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا، وزير اعظم، اڳوڻي صدر آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين حملي جي مذمت قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

مستونگ واري علائقي ۾ هڪ مدرسي جي دستاربندي واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتل مولانا عبدالغفور حيدري جي گاڏي ڀرسان ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا مارجي ويا ۽ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي سي ايم ڪوئيٽا ۽ ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

ڊي پي او مستونگ غضنفر موجب شروعاتي جاچ تحت ڌماڪو آپگهاتي لڳي رهيو آهي، جڏ هن ته ڪجهه زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

Ghafoor-JUI-12517

مولانا عبدالغفور حيدري کي سي ايم ايڇ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي، ڪور ڪمانڊر سڌرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عامر رياض سي ايم ايڇ پهچي سندس عيادت ڪئي.

وزير اعظم نواز شريف، اڳوڻي صدر آصف زرداري، سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري ۽ ٻين اڳواڻن مولانا عبدالغفور حيدري تي حملي جي مذمت ڪندي قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*