ڪوٽ غلام محمد ۾ گهرواڻبڻت تان ڀائرن ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 2 ڀائر مارجي ويا

Kot-Ghulam--Muhammad-Dead-Body-13517

ڪوٽ غلام محمد ۾ گهرواڻبڻت تان ڀائرن ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 2 ڀائر مارجي ويا، ٽيون زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدر آباد منتقل ڪيو ويو .

ڪوٽ غلام محمد جي  وچ شهر ۾ گهرواڻبڻت تان ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪئي وئي .

        فائرنگ جي نتيجي ۾ دلبر ۽ درمحمد موقعي تي مارجي ويا، جڏهن ته اعجاز احمد سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي حيدر آباد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي .

واقعي جي اطلاع تي ڪوٽ غلام محمد پوليس مارجي ويلن جا لاش ميرپور خاص اسپتال منتقل ڪيا آهن، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*