احتساب عدالت سڌ سماءَ واري کاتي ۾ 5 ارب روپين جي ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي 30 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ATC Karachi

احتساب عدالت سڌ سماءَ واري کاتي ۾ 5 ارب روپين جي ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي 30 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ نامزد اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ذوالفقار شلواڻي، يوسف ڪابورو، منصور راجپوت ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران شرجيل انعام ميمڻ جي وڪيل چيو ته سندس اصيل کي مڪمل دستاويز فراهم ناهن ڪيا ويا، مڪمل دستاويز نه ملڻ تائين فرد جرم نٿو لاڳو ڪري سگهجي.

عدالت نيب جي وڪيل کي حڪم ڏيندي چيو ته شرجيل ميمڻ کي ڪيس جي حوالي سان مڪمل دستاويز ڏنا وڃن.

عدالت سڌ سماءَ واري کاتي ۾5 ارب روپين جي ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي 30 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ساڳئي ڪيس ۾ سڌ سماءَ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر انيتا جاگيراڻي بلوچ  اشتهاري قرار ڏنل آهي، جيڪا پرڏيهه ترسيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*