ڪنڌڪوٽ ۾تاريخي قبرستان تي بااثرن جي مبينا قبضي خلاف علائقي واسين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

khandkot

ڪنڌڪوٽ ۾تاريخي قبرستان تي بااثرن جي مبينا قبضي خلاف علائقي واسين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ پهلوان جعفري جي پراڻي چنو قبرستان تي بااثرن پاران قبضو ڪري قبرون ڊاهي بي حرمتي ڪرڻ واري عمل خلاف علائقي واسين عبدالڪريم جعفري، عبدالعزيز، منظور احمد جعفري  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته علائقي جي بااثرن حاجي الياس سبزوئي ۽ غلام نبي سبزوئي سندن تاريخي قبرستان تي  زوري  قبضو ڪيو آهي.

 هنن گهر ڪئي ته قبضو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*