چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان چيو آهي ته ملڪ ۾ 70 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز گوگل ميپ سان ملايون ويون آهن

Election-Karachi-28716

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان چيو آهي ته ملڪ ۾ 70 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز گوگل ميپ سان ملايون ويون آهن، هاڻي شهري گهر ويٺي حد جي پولنگ اسٽيشنز بابت پتو لڳائي سگهندا.

اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايندڙ چونڊن جي تيارين جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان چيو ته ملڪ ۾ 70 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز جي سروي ڪرائي وئي آهي.

هن چيو ته پنجاب صوبي ۾ 758 ۽ سنڌ ۾ 700 اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون ناهن، جنهن ڪري عملي کي چونڊن ۾ ڏکيائيون پيش اينديون آهن.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان چيو ته ملڪ ۾ 70 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز گوگل ميپ سان ملايون ويون آهن، هاڻي شهري گهر ويٺي پولنگ اسٽيشن جو پتو لڳائي سگهندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*