ڪنڌڪوٽ ۾ مبينا ڏاڍائي جونشانو بڻيل گهريلو ملازمه جي ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

khandkot

ڪنڌڪوٽ ۾ مبينا ڏاڍائي جونشانو بڻيل گهريلو ملازمه جي ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن سجاد بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان  احتجاجي مظاهرو ڪري زيادتي جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته پوليس هن وقت تائين جوابدار گرفتار  نه ڪري سگهي آهي ۽ متاثرڌر مٿان راڄوڻي لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي.

هنن گهر ڪئي ته جوابدار گرفتار ڪري نينگريءَ سان انصاف ڪيووڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*