ميهڙ ڀرسان مبينا طور بجلي جي تارن مان چڻنگ سبب فصل جا ديرا سڙي رک ٿي ويا

meher fazal ji kari fire

ميهڙ ڀرسان مبينا طور بجلي جي تارن مان چڻنگ سبب فصل جا ديرا سڙي رک ٿي ويا، ڳوٺاڻن پاران سيپڪو خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ لونگ مهيسر ۾ فصل مٿان گذرندڙ بجلي جي تارن مان مبينا چڻنگون ڪرڻ سبب جاڻ، سرنهه ۽ ٻين فصلن جي رکيل ديرن کي باهه لڳي وئي، جنهن بعد فائربرگيڊ عملي کي طلب ڪيو ويو.

فائربرگيڊ پهچڻ تائين وڏي مقدار ۾ فصل سڙي رک ٿي ويو، جنهن بعد باهه متاثرن محمد رمضان مهيسر، ارض محمد ۽ احسان جي اڳواڻي ۾ سيپڪو اختيارين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

متاثرن دانهيو ته هنن فصل مان گذرندڙ بجلي جون تارون لاهڻ لاءِ سيپڪو اختيارين کي ڪيتريون ئي شڪايتون ڪيون پر ان تي ڪن نه ڌريو ويو.

هنن مطالبو ڪيو ته فصل جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري سندن پريشاني ختم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*