ٺل ۾ اغوا ڪيل فضيلا سرڪي کي بازياب نه ڪرائڻ خلاف سندس والدين پاران سياسي سماجي ڪارڪنن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيوويو

fazela kursi pro

ٺل ۾ اغوا ڪيل فضيلا سرڪي کي بازياب نه ڪرائڻ خلاف سندس والدين پاران  سياسي سماجي ڪارڪنن سان گڏجي  احتجاجي مظاهرو ڪيوويو.

ڳڙهي حسن سرڪي مان اغوا ڪيل فضيلا سرڪي جي والد عبدالرزاق سرڪي ۽ امڙسڪينا سرڪي ڌيءَ  جي بازيابي لاءِ سياسي سماجي ڪارڪنن سان گڏجي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

هنن چيو ته فضيلا جي بازيابي لاءِ چونڊيل نمائندا مخلص نه آهن، جنهن ڪري نياڻي بازياب نه ٿي سگھي آهي.

هنن چيو ته سندن نياڻي کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*