چار ڏينهن اڳ ٿرپارڪر جي ڳوٺ وڪڙيو ۾ گهرن کي لڳل باهه جو پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس وٺندي

Bilawal-8816

چار ڏينهن اڳ ٿرپارڪر جي ڳوٺ وڪڙيو ۾ گهرن کي لڳل باهه جو پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس وٺندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت باهه متاثرن جي مالي مدد ڪري ۽ سندن نوان گهر ٺاهي ڏئي.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳوٺ وڪڙيو ۾ گهرن کي لڳل باهه بابت ميڊيا تي آيل خبرن کان پوءِ نوٽيس وٺندي باهه متاثرن جي مالي مدد ڪري انهن کي نوان گهر ٺاهي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .

بلاول هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  ٿر جي غريب ماڻهن کي تڪليف ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، سنڌ حڪومت باهه متاثرن جي کاڌي پيتي جي شين جو فوري طور بندو بست ڪري.

پ پ چيئرمين جو چو هو ته باهه متاثرن جي تڪليف کي سمجهون ٿا پيپلز پارٽي هميشه عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ غريب ٿر واسين کي تڪليف جي گهڙي ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*