ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ڏکڻ جي عدالت اڳوڻي اسٽيل مل جي چيئرمين سجاد حسين قتل ڪيس جي ٻڌڻي 20 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

city court

ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ڏکڻ جي عدالت اڳوڻي اسٽيل مل جي چيئرمين سجاد حسين قتل ڪيس جي ٻڌڻي 20 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ اڳوڻي چيئرمين فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي نثار مورائي پيش نه ٿيو.

ٻڌڻي دوران نثار مورائي جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪندي درخواست ڏيندي چيو ته سندس موڪل عليل آهي ان ڪري حاضري کان استثنيٰ ڏني وڃي.

عدالت درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 20 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

12 سيپٽمبر 1998 ۾ اڳوڻي اسٽيل مل جي چيئرمين سجاد علي شاهه جي قتل ڪيس ۾  اڳوڻو صدر آصف علي زرداري رها ٿي چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*