نوابشاهه ويجھو روڊ تي ڪم ڪندڙ پورهيتن مٿان تيز رفتار ڪار چڙهي وڃڻ جي نتيجي ۾ هڪ پورهيت فوت ٿي ويو۽ ٻيو زخمي ٿي پيو
نوابشاهه ويجھو روڊ تي ڪم ڪندڙ پورهيتن مٿان تيز رفتار ڪار چڙهي وڃڻ جي نتيجي ۾ هڪ پورهيت فوت ٿي ويو۽ ٻيو زخمي ٿي پيو،لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڳوٺ ڪنڊي اسٽاپ وٽ نوابشاهه-سانگھڙ روڊ جي تعمير جو ڪم ڪندڙ ٻن پورهيتن ارباب علي ڏاهري ۽ ياسين سهتو کي سامهون ايندڙ ڪار ٽڪر هڻي چيڀاٽي زخمي ڇڏيو.
زخمي پورهيتن کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته 40 ورهين جوارباب علي زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو.
جڏهن ته لاش ۽ زخمي کي نوابشاهه جي ايم يو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتان فوتي ارباب علي جو لاش وارث شاهپور چاڪر کڻائي ويا،جڏهن ته زخمي جو علاج هلندڙ آهي.